لاهور هاءِ ڪورٽ جي 4 ججز کي ڌمڪين وارا خط وصول

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 4 ججز کي به ڌمڪين وارا خط ملي ويا آهن.خط لاهور هاءِ ڪورٽ جي سينئر ججز جسٽس شجاع علي خان، جسٽس شاهد بلال، جسٽس عاليه نيلم ۽ جسٽس عابد عزيز جي نالي اماڻيا ويا آهن.ڌمڪين وارا خط ملڻ جي اطلاع تي سي ٽي ڊي ۽ پوليس آفيسر لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويا، جڏهن ته ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي. شڪي خط ملڻ کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، پوليس فورس عدالت جي احاطي ۾ موجود آهي، جڏهن ته سي ٽي ڊي اختياريون لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو