قيصره الاهي کي ٻن تڪن تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ قيصره الاهي کي ٻن تڪن تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.عدالت قيصره الاهي جا اين اي 64 ۽ پي پي 32 جا دستاويز منظور ڪري ورتا.جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ قيصره الاهي جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو.ان کان علاوه عدالت مونس الاهي جي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف درخواست رد ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ آر او ۽ اپيليٽ ٽربيونل جا ڪاغذ رد ڪرڻ واري فيصلي کي برقرار رکيو آهي.ان حوالي سان جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو.پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي اين اي 64، 69 ۽ پي پي 32، 34 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ کي چئلينج ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو