قومي سلامتي بابت جي ايڇ ڪيو ۾ 3 پارلياماني ڪميٽين کي بريفنگ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي قيادت پارليمان جي ٽن ڪميٽين کي ملڪي سلامتي جي معاملن بابت بريفنگ جو فيصلو ڪيو. اڄ جي ايڇ ڪيو ۾ ڪشمير ڪميٽي، سينيٽ ۽ قومي اسمبلي جي دفاع بابت ڪميٽين جي ميمبرن کي دعوت ڏني وئي آهي. افغانستان ۾ طالبان جي قبضي، ڪشمير بابت ڀارت سان ڳالهين ۾ رڪاوٽ ۽ ملڪ جي اندروني صورتحال بابت ميمبرن کي بريف ڪيو ويندو. ٽنهي ڪميٽين جي ميمبرن جي آرمي چيف سان مانجهاندي تي ملاقات به ٿيندي. هنن ڪميٽين ۾ مسلم ليگ (ن) جا اعظم نذير تارڙ، خرم دستگير، پيپلز پارٽي جا راجا پرويز اشرف ، شيري رحمان ۽ ٻيا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو