قمبر: مسافر ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

قمبر: مسافر ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

قمبر: (ن س) تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا.شهدادڪوٽ بهرام علائقي ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو جتي هڪ تيز رفتار موٽرسائيڪل مخالف طرف کان ايندڙ مسافر ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٻه ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون. فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ اصغر مگسي ۽ سومر مگسي جي نالي سان ٿي. لاشن کي قمبر اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو