قتل ڪيس ۾ پاڪستاني ماءُ ڌي کي عمر قيد جي سزا

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانوي عدالت ٽڪ ٽاڪ جي متاثر پاڪستانين مهڪ بخاري ۽ سندس ماءُ انصرين بخاري کي ليسٽر شائر ۾ ٻن ماڻهن کي جان بوجھائي حادثي ۾ قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي.رپورٽ موجب 24 ورهين جي مهڪ بخاري کي عمر قيد ۽ گهٽ ۾ گهٽ 31 سال 8 مهينا جڏهن ته سندس ماءُ انصرين بخاري کي عمر قيد ۽ گهٽ ۾ گهٽ 26 سال 9 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.حادثو گذريل سال ليسٽر شائر ويجهو پيش آيو هو جنهن ۾ 21 ورهين جو ثاقب حسين ۽ هاشم اعجازالدين مارجي ويا هئا.ٻنهي ماءُ ۽ ڌيءَ تي الزام آهي ته هنن ٻن پاڪستاني نوجوانن ثاقب حسين ۽ سندس دوست محمد هاشم اعجازالدين کي پنهنجن ساٿين سان گڏ ڪار جو تعاقب ڪيو ۽ کين روڊ حادثي جو شڪار بڻائي ڇڏيو، جنهن سبب ٻئي نوجوان فوت ٿي ويا.ليسٽر شائر پوليس موجب ٽڪ ٽاڪر مهڪ بخاري جي ماءُ 45سالن جي انسرين بخاري جو نوجوان ثاقب حسين سان لاڳاپو هو پر بعد ۾ ٽڪ ٽاڪ جي ماءُ ان رشتي کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي پر نوجوان ائين نه ڪرڻ چاهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو