اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جي 29هين چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻي ورتو.چيف جسٽس آف پاڪستان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ سپريم ڪورٽ جا سمورا جج گڏجي ايوان صدر پهچي ويا، جتي صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان سندس عهدي جو حلف ورتو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حلف برداري واري تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، چئني صوبن جي گورنرن، آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي وزيرن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.
