اسلام آباد(بيورو رپوروٽ) انٽيليجنس بيورو فيض آباد ڌرڻو ريفرنس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل نظرثاني واري درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ۾ انٽيليجنس بيورو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سپريم ڪورٽ ۾ ڌار ڌار درخواست داخل ڪري ڇڏي.ڊپٽي ڊائريڪٽر جي متفرق درخواست ۾ چيو ويو آهي ته انٽيليجنس بيورو فيصلي خلاف نظرثاني واري درخواست واپس وٺڻ چاهي ٿي، ان ڪري متفرق درخواست تي نظرثاني واري درخواست واپس وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي.ٻئي طرف شيخ رشيد جي وڪيل فيض آباد ڌرڻي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته شيخ رشيد حراست ۾ آهي ۽ رابطو نٿو ڪري سگهي، سندس وڪيل امان الله ڪنراني هاڻي صوبائي قانون وارو وزير بڻجي ويو آهي، تنهن ڪري هو فيض آباد ڌرڻي نظرثاني ڪيس ۾ صوبائي قانون واري وزير طور پيش نٿو ٿي سگهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري.
