اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان ان ڏس ۾ اٽارني جنرل سميت تمام لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جنهن موجب چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ قائم ٽي رڪني بئنچ پهرين نومبر تي فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. عدالت گذريل ٻڌڻي تي سمورين ڌرين کان لکت ۾ جواب طلب ڪيو هو.
