فيصل واوڊا سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ سينيٽر فيصل واوڊا خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.آخرڪار سينيٽر فيصل واوڊا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان غير مشروط معافي گهري ورتي.فيصل واوڊا شوڪاز تي نئون جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو.جمع ڪرايل جواب ۾ فيصل واوڊا چيو آهي ته پاڻ کي سپريم ڪورٽ جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي.هن سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي آهي ته منهنجي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ختم ڪئي وڃي.جنهن جي جواب ۾ فيصل واوڊا چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي پريس ڪانفرنس سان عدليه جو وقار مجروح ٿيو آهي ته مان غير مشروط معافي گهران ٿو، منهنجي پريس ڪانفرنس جو مقصد عدليه جي توهين نه هو، مون کي عدليه جو پورو احترام آهي.فيصل واوڊا چيو آهي ته 5 جون جي عدالتي ڪارروائي کانپوءِ مذهبي عالمن سان ملاقات ڪئي، مذهبي اسڪالرن کان پڇيو ته سينيٽر جو ڪردار ڇا هجڻ گهرجي؟ مون کي نصيحت ڪئي وئي ته انصاف لاءِ اٿي بيهو جيتوڻيڪ اهو توهان جي مائٽن جي خلاف آهي.فيصل واوڊا جي جواب ۾ قرآن ۽ حديث جا حوالا به ڏنل آهن.جمع ڪرايل جواب ۾ فيصل واوڊا چيو آهي ته اسلامي تعليمات جي روشني ۾ خلوص سان ۽ غير مشروط معافي گهران ٿو، سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته توهين عدالت ۾ جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي.پنهنجي جواب ۾ هن اهو به چيو آهي ته هو قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ تمام گهڻو متاثر ٿيو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ به تجويز ڏني ته معاملو انا جو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو