راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڀارت پاران هڪ طرفي طور تي والاريل ڪشمير جي قانوني حيثيت تبديل ڪرڻ کي ڇهه سال گذري ويا آهن، ۽ سرحد جي ٻنهي پاسن ۽ دنيا جي چوڌاري رهندڙ ڪشميري اڄ قبضي جو ڏينهن ملهائيندا.استحصال جي ڏينهن جي موقعي تي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستاني هٿياربند فوجون ڪشميرين جي حق خود اراديت لاءِ جدوجهد جي حمايت ڪن ٿيون.هٿياربند فوجون، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف نيول اسٽاف، ۽ چيف آف ايئر اسٽاف پڻ والاريل ڪشمير جي عوام سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب، ڪشميرين جي جدوجهد بين الاقوامي قانونن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن جي مطابق آهي، ۽ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران والاريل ڪشمير تي قبضو بين الاقوامي اصولن جي خلاف ورزي آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جون ڪوششون به بين الاقوامي اصولن جي خلاف ورزي آهن، ڀارت جا جبري قدم، اشتعال انگيز بيان خطي ۾ عدم استحڪام وڌائي رهيا آهن، ۽ ڀارت جا جارحاڻي ڪارروايون خطي ۾ انساني الميي کي طول ڏئي رهيون آهن.آءِ ايس پي آر موجب، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفانه ۽ پرامن حل کانسواءِ ممڪن ناهي، ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حل ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ لاڳاپيل گڏيل قومن جي قراردادن جي مطابق هجڻ گهرجي.آءِ ايس پي آر چيو ته هٿياربند فوجون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪن ٿيون، ۽ هٿياربند فوجون ڪشميرين سان گڏ انهن جي حقن ۽ آزادي جي جائز جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائي ٿي










