فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جو ٽرائل ڪالعدم قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سولين جي ٽرائل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي جي اجازت ڏيندي فوجي عدالتن ۾ سولين جا ٽرائل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا. فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪئي، بينچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظهر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ شامل آهن.فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي ٽرائل کي 5 رڪني بينچ متفقه طور تي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي، پر 4 ججن پاران آرمي ايڪٽ جي سيڪشن 2 ڊي-1 کي غير آئيني قرار ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ جج جسٽس آفريدي اختلاف ڪيو.  عدالت قرار ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن شهري جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ شروع ٿيو ته ان کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.9 ۽ 10 مئي جي واقعن جي روشني ۾ 102 گرفتار ماڻهن جي لسٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ انهن جو ٽرائل عام فوجداري عدالتن ۾ هلائڻ جو حڪم ڏنو آهي.  آرمي ايڪٽ جون جيڪي شقون عدالت ۾ پيش ڪيون ويون، جن تحت سولين تي ڪيس هلي سگهي ٿو، عدالت انهن شقن کي به غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. سويلين خلاف فوجي عدالتن ۾ ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏين واري فيصلي جا تفصيل بعد ۾ جاري ٿيندا. فيصلي بعد اعتزاز احسن ۽ احسن ڀون فيصلي کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ان سان آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ٿيندي.

Militry Case Judgment

پهنجو تبصرو موڪليو