فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪلعدم قرار ڏيڻ وارو فيصلو معطل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ شهرين جا ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت تي ٻڌل 6 رڪني لارجر بينچ فوجي عدالتن ۾ شهرين جا ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي وڪيلن جسٽس سردار طارق مسعود تي اعتراض واري ڇڏيا وڪيل لطيف کوسا جسٽس سردار طارق کي مخاطب ٿي چيو ته بينچ ۾ توهان جي موجودگي تي اعتراض اٿاريا ويا آهن، توهان پنهنجي نوٽ ۾ فوجي عدالتن تي راءِ ڏئي چڪا آهيو، جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته ڪنهن اعتراض ڪيو آهي؟ وڪيل سلمان اڪرم چيو ته درخواست گذار جواد ايس خواجا اعتراض ڪيو آهي، جسٽس طارق مسعود چيو ته مان بينچ کان الڳ نه ٿو ٿيان، ڇا ڪندئو، لطيف کوسا چيو ته اسان جي اعتراض باوجود توهان ويهي ڪيس ٻڌي رهيا آهيو جسٽس طارق مسعود چيو ته ڇا بيهي ڪري ڪيس جي ٻڌڻي هلايون؟ ان موقعي تي اٽارني جنرل ڪاوڙ ۾ چيو ته جڏهن نوٽيس ناهي ته پوءِ اعتراض ڪيئن ٻڌي سگهجي ٿو؟ جنهن اعتراض ڪيو اهو پاڻ ته عدالت ۾ موجود نه آهي، بهتر اهو آهي ته بينچ پهرين اپيلن تي ٻڌڻي شروع ڪري وڪيل اعتزاز احسن روسٽرم تي اچي چيو ته اعتراض تي فيصلو پهرين ٿيڻ گهرجي ته توهان کي بينچ ۾ ويهڻو آهي يا نه، جسٽس سردار طارق چيو ته مان نه ٿو ڪيان ٻڌڻيءَ کان انڪار اڳتي وڌو جسٽس سردار طارق مسعود رمارڪس ۾ چيو ته جن ماڻهن ڪالهه پاڪ فوج جا 23 جوان ماريا انهن سولينز جو ٽرائل هاڻي ڪهڙي قانون تحت ٿيندو؟ وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان کي جڏهن ٻڌو ويندو ته انهن سوالن جا تسلي جوڳا جواب ڏينداسين، بنيادي حقن کي آئين ۾ تحفظ ڏنو ويو آهي،جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته هڪ ته بنيادي حق خبر ناهي ته اسان کي ڪيڏانهن وٺي ويندا، عدالت ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ٻڌايو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو