اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ قائم 5 رڪني بئنچ 23 آڪٽوبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. بئنچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ شامل آهن.نَو مئي واقعي کانپوءِ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جا ٽرائل هلائڻ جو فيصلو ٿيو هو، سپريم ڪورٽ ۾ فيصلو چيلينج ڪيو ويو هو.
