فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل شروع، ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل شروع ٿي ويو،سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي وفاقي سرڪار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جي روشني ۾ 102 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار ماڻهن جو انصاف جي حق لاءِ فوجي عدالتن ۾ ٽرائل شروع ڪيو ويو آهي وفاقي سرڪار جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ماڻهن جي مفادن کي نظر ۾ رکندي ٽرائل ڪيو پيو وڃي، فوجي عدالتن ۾ ٽرائل دوران ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جوابدارن کي بري ڪيو ويندو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس جي فيصلي سان مشروط هوندو، فوجي عدالتن ۾ ٽرائل بعد ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي معمولي سزا ملندي 9 ۽ 10 مئي جي واقعن ۾ سزا مڪمل ڪندڙن کي آزاد ڪيو ويندو، فوجي ٽرائل بعد سزا خلاف جوابدار لاڳاپيل فورم ۾ درخواست داخل ڪري سگهندا

پهنجو تبصرو موڪليو