فواد چوڌري کي وڪيلن ۽ گهرڀاتين سان ملاقات جي اجازت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻن فواد چوڌري کي وڪيلن ۽ گهر ڀاتين سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب طاهر فواد چوڌري جي جيل ۾ سهوليتن، وڪيلن ۽ گهر ڀاتين سان ملاقات جي اجازت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ فواد چوڌري طرفان ان جي ڀاءُ فيصل چوڌري دليل ڏنا. جڏهن ته ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل عدالت ۾ پيش ٿيا.ڊي ايس پي اڊيالا عدالت کي ٻڌايو ته فواد چوڌري کي سيڪيورٽي وارڊ ۾ رکيو ويو آهي. جنهن تي فيصل چوڌري چيو ته ٻارن سان ڳالهه ٻولهه جو معاملو قانون ۾ لکيل آهي. قانون موجب ئي عمل ڪرائي ڇڏيو.عدالت ڊي ايس پي کي قانون موجب عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.فيصل چوڌري عدالت ۾ چيو ته اسان جون ڳالهيون نوٽ ڪيون وينديون آهن ۽ صرف جمعي تي ملاقات جي اجازت ڏيندا آهن. ان تي عدالت چيو ته صرف جمعي تي ڇو؟ هنن کي ڪو ٻيو ڏينهن ملاقات جو ڏئي ڇڏيو مان آرڊر ٿو جاري ڪريان.عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته فواد چوڌري ڪهڙيون ڌمڪيون ڏنيون آهن؟ ڪهڙي شيءَ جي ايف آر آر آهي. جاچ آفيسر ٻڌايو ته فواد جي خلاف 502 جي ايف آءِ آر داخل آهي. جيل ۾ سهولتن جي استدعا تي عدالت چيو ته جيل سهولتون ۽ وڪيلن سان ملاقات جا ته سيشن جج جا آرڊر موجود آهن. جيڪڏهن عمل نه پيو ٿئي ان جي خلاف درخواست داخل ڪنداسين. اسان انهي درخواست تي تفصيلي فيصلو جاري ڪنداسين.عدالت فواد چوڌري کي بطور اڳوڻي وزير جي طور تي جيل مينوئل تحت سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪندي فواد چوڌري کي سندس وڪيلن ۽ گهر ڀاتين سان ملاقات جي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته فواد چوڌري کي جيل مينوئل موجب طبي سهولتون ڏيڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو