فواد چوڌري چوٿون ڀيرو جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اڳوڻي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري کي چوٿون ڀيرو جسماني ريمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد جي احتساب عدالت جي ڊيوٽي جج شاهه رخ ارجمند جهلم ۾ تعميراتي منصوبن ۾ خرد برد جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر ۽ وڪيل صفائي عدالت ۾ دليل ڏنا. پوليس جسماني ريمانڊ ختم ٿيڻ تي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو.عدالت پڇاڻو ڪيو ته فواد چوڌري جو هينئر تائين ڪيترن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ٿي چڪو آهي؟ نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته هينئر تائين 20 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ٿي چڪو آهي. وڪيل صفائي ڊيوٽي جج طرفان ٻڌڻي ڪرڻ تي اعتراض اٿاريندي چيو ته احتساب عدالت جو جج محمد بشير ڊيوٽي تي اڊيالا جيل ۾ موجود آهي. استدعا آهي ته جج محمد بشير جي اچڻ تائين ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو وڃي.نيب پراسيڪيوٽر وڌيڪ 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن جي وڪيل صفائي مخالفت ڪئي. پر عدالت اڳوڻي وزير جو وڌيڪ 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي کيس نيب جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو. عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان اليڪشن ڪميشن اختيارين کي ڪابه ڌمڪي نه ڏني آهي. فواد چوڌري پنهنجي گهر واري حبا جي چونڊ وڙهڻ جي لاءِ نااهلي جي حوالي سان چيو ته منهنجا ۽ حبا جا ٻنهي جا سمورا بينڪ اڪائونٽس ڊڪليئرڊ آهن.هن چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر کي چيو هو ته اوهان جي خلاف جوڊيشل ڪونسل ۾ ريفرنس ٻڌڻي هيٺ پيل آهي. عمران خان چيو هو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرائڻ تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله نوٽ لکيو هو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب وقت تي چونڊون نه ڪرائڻ تي آرٽيڪل 6 لڳندو.هڪ صحافي طرفان فواد چوڌري کان سوال ڪيو ويو ته ڇا جيل مان پي ٽي آءِ باني طرفان پرڏيهي اخبار لاءِ مضمون لکڻ جي ڳالهه صحيح آهي؟ جنهن تي فواد چوڌري چيو ته مون کي ان باري ۾ خبر نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو