اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عدالت گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. فواد چوڌري کي ڊسٽرڪٽ جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڊيوٽي جج عباس شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، کيس منهن تي ڪپڙو ۽ هٿ ڪڙين سان لاٿو ويو. عدالت ۾ فواد چوڌري موقف اختيار ڪيو ته مون کي منهنجي وڪيلن سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي فاضل جج فواد چوڌري کي وڪيلن سان ملڻ جي اجازت ڏني. فيصل چوڌري جي وڪيل عدالت ۾ اعتراض اٿاريو ته فواد جي منهن تي ڪپڙو ڇو لڳايو ويو؟ ٻڌڻي دوران پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته فواد چوڌري جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.اسلام آباد جي ابپارا پوليس اسٽيشن ۾ فواد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ درخواستگذار فواد چوڌري خلاف 50 لک رپيا رشوت وٺي نوڪري ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪيو آهي. مدعي چيو ته فواد چوڌري رقم جي گهرج تي تلخ ٿي ويو، جنهن تي هن مونکي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. فواد چوڌري عدالت ۾ چيو ته مون ڪڏهن به مدعي کي ناهي ڏٺو، اسان جو حال اوهان ۽ اسان جي سامهون آهي، مان اڳوڻو وفاقي وزير ۽ سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهيان، بي عزتي نه ڪئي وڃي. هنن چيو ته ريمانڊ وٺڻ لاءِ باٿ روم ناهي، مونکي باٿ روم جي سهولت ڏني وڃي ۽ ٻارن سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت فواد چوڌري کي 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته فواد چوڌري کي گهرڀاتين سان ملڻ ۽ طبي معائنو ڪرايو وڃي.










