لاهور (ويب ڊيڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري اينٽي ڪرپشن پنجاب خلاف درخواست داخل ڪئي.فواد چوڌري طرفان درخواست سندس ڀاءُ فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ داخل ڪئي هئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اينٽي ڪرپشن جا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، سرڪاري زمينن تي قبضن جا الزام به بي بنياد آهن.اڳوڻي وفاقي وزير طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته زمينون خانگي ماڻهن کان خريد ڪيون ويون جن جا حلف ناما موجود آهن.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فواد چوڌري کي سياسي بنيادن تي نشانو بڻايو پيو وڃي، اينٽي ڪرپشن کاتو فواد چوڌري کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي.فواد چوڌري جي درخواست ۾ پنجاب حڪومت ۽ ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي ڌر بڻايو ويو آهي.
