خيرپور (ن س )خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ جوابدار اسد شاهه ۽ سندس زال حنا شاهه، فياض شاهه ۽ امتياز ميراثي کي 12 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪري ڇڏيو آهي،معصوم فاطمه جي امڙ شبنم ڦرڙو، والد نديم ڦرڙو کي به سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت آندو ويو،عدالت قتل ڪيس جي چئني جوابدارن کي وڌيڪ 12 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪيو
