فاطمه قتل ڪيس جي جوابدار فياض شاهه جي ضمانت منظور

حيدر آباد(بيورو رپورٽ)راڻي پور ۾ تشدد جي نتيجي ۾ قتل ٿيل 10 ورهين جي گهريلو ملازمه فاطمه جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار فياض شاهه جي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ مان ضمانت منظور ڪري ورتي.فاطمه قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار فياض شاهه جي 50 هزار مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.جوابدار فياض شاهه گرفتار جوابدار اسد شاهه جو سهرو آهي. عدالت ڪيس ۾ نامزد حنا شاهه جي درخواست تي فيصلو 26 سيپٽمبر تائين محفوظ ڪري ورتو. جوابدار حنا شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ مان 7 ڏينهن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. پير اسد شاهه ۽ ڪمپائونڊر امتياز جسماني رمانڊ تي پوليس جي حراست ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو