غير قانوني افغان شهرين کي نيڪالي ڏيڻ خلاف درخواست مقرر

غير قانوني افغان شهرين کي نيڪالي ڏيڻ خلاف درخواست مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان غير قانوني افغان شهرين جي بي دخلي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر جي درخواست تي ٻڌڻي لاءِ بئنچ به جوڙي ڇڏي آهي.جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پهرين ڊسمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.بينچ ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس عائشه ملڪ شامل آهن.ان سلسلي ۾ رجسٽرار آفيس سپريم ڪورٽ درخواستگذار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو