غيرقانوني هٿيار ۽ شراب رکڻ وارو ڪيس، علي امين اشتهاري قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عدالت غيرقانوني هٿيار ۽ شراب رکڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر ڪيس جو رڪارڊ کڻي عدالت ۾ پيش ٿيا پر علي امين گنڊاپور ۽ سندس وڪيل راجا ظهورالحسن پيش نه ٿيا. عدالت علي امين گنڊاپور کي لاڳيتو پيش نه ٿيڻ تي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت اشتهاري جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 4 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو