غزه ۾ وڌيڪ 3 اسرائيلي فوجي مارجي ويا

غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج غزه ۾ زميني ڪارروائي ۾ وڌيڪ 3 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.اسرائيلي فوج موجب غزه ۾ زميني آپريشن ۾ مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو انگ 137 ٿي ويو آهي.ان کان علاوه آمريڪي اخبار جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حماس هڪ هفتي جي جنگ بندي جي اسرائيلي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي، حماس موجب عارضي جنگ بندي تي قيدين جي مٽا سٽا ممڪن ناهي.ٻئي طرف غزه تي اسرائيلي فوج جا مسلسل حملا جاري آهن، جنهن ۾ 60 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن.رپورٽن مطابق غزه ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 20 هزار تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ 8 هزار ٻار ۽ 6 هزار کان وڌيڪ عورتون شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو