غزه ۾ شيطاني چڪر ۽ نه ڪا ٻي طاقت روڪيندي،آپريشن جاري رهندو

يروشلم (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ نسل ڪشي جي حوالي سان انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٺهراءُ جي باوجود اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي ضد برقرار آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته اسرائيل انصاف جي عالمي عدالت جي ڪنهن به فيصلي کان نه ڊڄندو.اسرائيلي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته غزه ۾ اسان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، شيطاني چڪر هجي يا ڪو به، فتح حاصل ڪرڻ تائين جنگ جاري رکنداسين.اسرائيل فلسطينين جي موت جو الزام حماس تي لڳايو،اسرائيل انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ فلسطينين جي موت جو ذميوار فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس کي قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو