غزه ۾ جنگ بندي کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ ڪم ڪريون پيا: قطر

دوحا (ويب ڊيسڪ)حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ هلندڙ عارضي جنگبندي ۾ وڌيڪ توسيع جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ چار ڏينهن واري جنگ بندي، جيڪا جمعي تي شروع ٿي هئي، وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي، خميس ڏينهن صبح جو پاڪستاني وقت موجب ختم ٿي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب مجموعي طور تي 6 ڏينهن واري جنگ بندي ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان ڳالهيون پڻ جاري آهن. قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڊاڪٽر ماجد بن محمد الانصاري هفتيوار بريفنگ ۾ چيو ته قطر ثالثي فريم ورڪ تي سخت محنت ۽ جدوجهد ڪري رهيو آهي ته جيئن غزه ۾ انساني امداد جي لاءِ حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي جي مدي کي ڪلاڪن تائين وڌايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو