لنڊن (ويب ڊيسڪ)نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي اسرائيل جي ظلم تي فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي.ملالا يوسفزئي چيو ته گڏيل سزا فلسطينين تي اسرائيل جي ظلمن جو حل ناهي.هن وڌيڪ چيو ته غزه جي اڌ آبادي 18 سالن کان گهٽ عمر جي آهي ۽ انهن کي باقي زندگي بم ڌماڪن کي منهن ڏيڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.ملالا يوسفزئي به فلسطينين لاءِ امداد جو اعلان ڪيو.
