غزه مان فلسطينين جي جبري بي دخلي کي رد ڪريون ٿا: سعودي

رياض (ويب ڊيسڪ)غزه مان فلسطينين جي جبري بي دخلي کي رد ڪندي سعودي عرب عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو شهرين خلاف فوجي ڪارروايون روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻي.سعودي عرب جو چوڻ آهي ته اسرائيلي بمباري ۾ زخمي ٿيل شهرين کي فوري طور غزه مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي ۽ 1966ع جي صورتحال موجب هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي.سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان پنهنجي برطانوي هم منصب ۽ يورپي يونين جي اعليٰ عهديدارن کي فون ڪري اسرائيل کي عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي پاسداري ڪرڻ جو چيو.هن چيو ته غزه جي ناڪابندي ختم ڪئي وڃي ۽ امدادي سامان پهچائڻ جي اجازت ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو