غزه فلسطيني سرزمين آهي ۽ رهندو: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته غزه فلسطيني سرزمين آهي ۽ رهندو،آمريڪا اسرائيلي وزيرن پاران فلسطينين کي غزه ڇڏڻ بابت ڏنل بيان جي مذمت ڪئي آهي،ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته آمريڪا اسرائيلي وزيرن جي بيان جي سخت مذمت ڪري ٿو،هن چيو ته اسرائيلي وزيرن جو بيان اشتعال انگيز ۽ غير ذميواراڻو آهي،آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته حماس جو ڪو مستقبل ناهي،هن اهو به چيو ته هاڻي ڪو به دهشتگرد گروپ اسرائيل لاءِ خطرو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو