واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته غزه تي اسرائيل جو قبضو وڏي غلطي هوندي.آمريڪي صدر جو بائيڊن هڪ انٽرويو دوران چيو ته حماس جو خاتمو ٿيڻو پوندو، هن چيو ته هو جلد اسرائيل جو دورو ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.صدر جو بائيڊن به فلسطيني صدر محمود عباس سان فون تي رابطو ڪيو ۽ چيو ته حماس فلسطيني حق خود اراديت جي نمائندگي نه ڪندي آهي، جڏهن ته محمود عباس به آمريڪي صدر جي حمايت ڪئي.ٻئي طرف اسرائيل جي نئين وزير گديون سار جنگ جي خاتمي تي غزه کي اڃا ننڍو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته اوڀر ۽ اتر ٻنهي طرفن کان فلسطينين کي پنهنجو علائقو ڇڏڻو پوندو.
