غزه تي اسرائيلي جارحيت جاري، 400 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي فوج جا وحشیانه حملا جاري آهن، جنهن ۾ وڌيڪ 400 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ اسرائيلي حملن ۾ 400 جي لڳ ڀڳ فلسطيني شهيد ۽ 734 زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنگ روڪڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج رفح، خان يونس ۽ ناصرت ۾ پناهگيرن جي ڪيمپن تي مسلسل بمباري ڪري رهي آهي.ٻئي طرف آمريڪي ميڊيا موجب اسرائيل غزه جي ڏاکڻي علائقي تي 2 هزار پائونڊ وزني بم ڪيرايا آهن ۽ اسرائيل جان بوجھائي ان علائقي ۾ بم ڪيرايا آهن جتان فلسطينين کي غزه مان ڪڍيو ويو هو.ان کان علاوه فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس به جوابي ڪارروائي ڪري رهي آهي ۽ جنگ ۾ هينئر تائين 472 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن، جن مان 139 اسرائيلي فوجي زميني ڪارروائي ۾ مارجي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو