غزه(ويب ڊيسڪ)غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ 80 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.فلسطيني ميڊيا موجب قلقيليه شهر ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 19 ورهين جو حمزا سائل طحه شهيد ٿي ويو، اسرائيلي فوج کيس سيني ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو.ان کان علاوه ويسٽ بئنڪ ۾ قلنديه پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ هڪ فلسطيني نوجوان شهيد ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.فلسطيني صحت واري وزارت موجب نوجوان کي سيني ۽ مٿي ۾ گوليون لڳيون آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 5 هزار 800 ٿي ويو آهي.اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ٻار ۽ 1100 عورتون به شامل آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ 15 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.اسپتالن ۾ دوائن ۽ تيل جي کوٽ سبب زخمين کي به وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
