خان چيو بشريٰ سان نڪاح ٿيو ته وزيراعظم بڻجي ويندس،عون ۽ مفتي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ مفتي سعيد ۽ عون چوڌري پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.سلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ نڪاح پڙهائيندڙ مفتي سعيد پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.سول جج قدرت الله مفتي سعيد کان پڇيو ته اردو ۾ بيان قلمبند ڪرائيندو؟ جنهن تي مفتي سعيد چيو ته مان اردو ۾ ئي پنهنجي بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪرائيندس.مفتي سعيد بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان اڳ حلف ورتو ۽ بيان ۾ چيو ته منهنجي عمر 62 سال آهي چهتر پارڪ ۾ ندوت العلما ۾ پڙهائيندو آهيان. پي ٽي آءِ چيئرمين سان سٺا لاڳاپا هئا ۽ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جو ميمبر به هئس. پهرين جنوري 2018 تي پي ٽي آءِ چيئرمين مون سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته بشريٰ بي بي سان لاهور وڃي نڪاح پڙهائڻو آهي.ان دوران جج مفتي سعيد کان سوال ڪيو ته اوهان صفحي کي ڏسي پڙهي رهيا آهيو؟ لکيل پڙهڻ ڪوڙ هوندو آهي. صفحو هٽائي ڇڏيو ۽ زباني بيان رڪارڊ ڪرايو. جنهن کان پوءِ مفتي سعيد پنو هٽائيندي ٻيهر بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي چوڻ تي مان لاهور جي علائقي ڊفينس ويس. لاهور ۾ تمام گهڻا ماڻهو موجود هئا. بشريٰ بي بي جون ڀينرون به هيون. بشريٰ جي ڀيڻ کان مون پڇيو ته ڇا نڪاح جون شرعي گهرجون پوريون آهن ته پاڻ کي بشريٰ بي بي جي ڀيڻ ظاهر ڪندڙ عورت چيو ته نڪاح پڙهائي سگهجي ٿو.عدالت سوال ڪيو ته عدت جي حوالي سان اوهان بشريٰ بي بي کان پاڻ ڇو نه پڇيو؟ ان تي مفتي سعيد چيو ته نڪاح پڙهائيندڙ طرفان عورت کان ان حوالي سان ڪجهه به پڇي نٿو سگهجي. بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جو نڪاح مون پڙهائي ڇڏيو هو، نڪاح پڙهائڻ کان پوءِ عمران ۽ بشريٰ بي بي بني گالا ۾ رهائش اختيار ڪري ورتي هئي.مفتي سعيد موجب فيبروري 2018 ۾ مون سان پي ٽي آءِ چيئرمين ٻيهر رابطو ڪيو، مون کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جو نڪاح عدت دوران ٿيو. جج سوال ڪيو ته ڪنهن رابطو ڪيو ٻيهر نڪاح پڙهائڻ جي حوالي سان؟ مفتي سعيد چيو ته مون کي ياد ناهي ته مون سان ڪنهن نڪاح جي حوالي سان ٻيهر رابطو ڪيو هو.ٻڌڻي دوران عمران خان جي ويجهي دوست عون چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته منهنجي سامهون مفتي سعيد بشريٰ بي بي کان پڇيو ته بشريٰ ٻڌايو ته مون کي طلاق ملي چڪي آهي، شرعي گهرجون پوريون آهن ان ڪري نڪاح پڙهايو وڃي.عون چوڌري موجب ميڊيا تي اچي ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي بشريٰ بي بي سان شادي ٿي چڪي آهي. ميڊيا تي خبر پئي ته عدت دوران نڪاح ٿيو ته اسان خاموشي اختيار ڪئي. عمران ۽ بشريٰ بي بي جو فيبروري ۾ ٻيهر نڪاح پڙهايو ويو. ميڊيا تي گوڙ شروع ٿي ويو ته عدت دوران نڪاح ٿيو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته خاموش رهو. عدت پورو ٿيڻ تي ٻيهر نڪاح ڪري وٺنداسين. عون چوڌري وڌيڪ چيو ته بشريٰ بي بي مون کي ٻڌايو ته عدت 4 کان 18 فيبروري جي وچ دوران پوري ٿي رهي هئي. جنهن کان پوءِ ٻيو نڪاح بني گالا ۾ فيبروري 2018 ۾ پڙهايو ويو. ان وقت مان موجود هئس ان نڪاح جي رڪارڊنگ به موجود آهي. مان ۽ ذوالفي بخاري ٻئي نڪاح جا گواهه هئاسين.هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين بشريٰ بي بي سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي ان مون کي چيو ته بشريٰ سان نڪاح ٿيو ته وزيراعظم بڻجي ويندس. پهريون نڪاح عدت دوران ڄاڻي واڻي ڪيو، ان جو پهريون نڪاح اڳڪٿي جي اثر هيٺ هو. پهريون نڪاح غير شرعي، غيرقانوني ۽ فراڊ تي ٻڌل هو.جنهن کان پوءِ عدالت مفتي سعيد ۽ عون چوڌري جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان پوءِ ٻڌڻي 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي ٽئين گواهه محمد لطيف کي طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو