هاءِ ڪورٽ، خان ۽ قريشي کي سائفر ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سزا خلاف اپيل منظور ڪندي ٻنهي جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق مختصر فيصلو ٻڌايو،اپيلن جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شامل آهن.فيصلي جي موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موجود هئي.پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين بئريسٽر گوهر، علي محمد خان، فيصل جاويد ۽ شندانا گلزار به عدالت ۾ موجود هئا.عدالتي ڪمري ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي جون زالون ۽ ڌيئرون به موجود هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو