عمران خان کي سزا ٻڌائيندڙ جج جي سيڪورٽي سبب بدلي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سزا ٻڌائيندڙ ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور کي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي (او ايس ڊي) بڻايو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس همايون دلاور کي او ايس ڊي بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن بعد ايڊيشنل رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.نوٽيفڪيشن ۾ ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جج لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ خاص عهدو قائم ڪيو ويندو، هن چيف جسٽش کي خط لکي سيڪورٽي بابت خدشا ظاهر ڪيا هئا، سندس چوڻ هو ته لنڊن ۾ ٽريننگ دوران پي ٽي آءِ وارن کيس نشانو بڻايو هو ۽ کيس خطرو آهي ته هتي عدالت ۾ ساڻس ڪو واقعو پيش اچي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو