پنجاب حڪومت پاران داخل سنگين ڪيس خان چيلينج ڪري ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان پنجاب حڪومت طرفان سنگين ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ باني لطيف کوسي ذريعي درخواست داخل ڪئي، درخواست ۾ پنجاب حڪومت، آءِ جي، گهرو وزارت، ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني هن وقت مختلف ڪيسن ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد آهي، پنجاب حڪومت عمران خان سميت ٻي قيادت تي سنگين ڪيسن جي منظوري ڏني.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ڪابينا جو اِهو قدم آئين جي آرٽيڪل 10 جي ڀڃڪڙي آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت پنجاب حڪومت جي سنگين ڪيسن جي منظوري وارو قدم ڪالعدم قرار ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو