اسلام آباد(بيورو رپورٽ)توشه خاني ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي سزا خلاف اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق جهانگيري لکت ۾ حڪم جاري ڪيو.پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن سان جيل ۾ ملاقات جي درخواست به قبول ڪئي وئي.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جيل اختيارين بابر اعواڻ ۽ لطيف کوسا کي اٽڪ جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات جي اجازت ڏين.عدالت جيل اختيارين کي پي ٽي آءِ چيئرمين لطيف کوسا سان 2 وڳي ملاقات ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکت واري حڪم ۾ چيو آهي ته سزا معطلي واري درخواست تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليلن لاءِ 2 هفتن جو وقت گهريو، اپيل ڪندڙ جي وڪيلن تياري لاءِ 2 هفتن جو وقت ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪئي، عدالت ڌرين جي وڪيل کي وقت ڏنو. اليڪشن ڪميشن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي عدالت چيو ته توشاخانا ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي 24 آگسٽ تي ٿيندي.
