عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست لارجر بينچ حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي 5 سالن لاءِ نااهلي جي درخواست 5 رڪني لارجر بينچ ڏانهن موڪلي ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شجاعت علي اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي 5 سالن لاءِ نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عمران خان طرفان علي ظفر ۽ سمير کوسا پيش ٿيا.عمران خان جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کيس 8 آگسٽ 2023 تي 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو، درخواستگذار کي اليڪشن کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ غير قانوني ڪارروائي ڪئي وئي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن جي تاريخ جو اعلان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪيو ويو، درخواستگذار تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، عدالت اليڪشن ڪميشن جي 5 سالن جي نااهلي ۽ نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي. درخواست جي حتمي فيصلي تائين نااهلي کي معطل ڪيو وڃي.عدالت اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي درخواست 5 رڪني لارجر بينچ ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو