خان جي اپيل رد، ياسمين راشد کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت

لاهور(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل اين اي 122 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي اپيل رد ڪندي ياسمين راشد کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس طارق نديم اي آر او جي فيصلي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اين اي 122 تان عمران خان جا ڪاغذ رد ڪرڻ واري آر او جي فيصلي خلاف به اپيل تي ٻڌڻي ڪئي وئي.ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عمران خان نااهل ٿي چڪو آهي ۽ سندس اميدوار جو اين اي 122 سان تعلق ناهي، جڏهن ته (ن) ليگ جي وڪيل به عمران خان جي اپيل جي مخالفت ڪئي.اليڪشن ٽربيونل جي جج عمران خان جا ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف داخل اپيل رد ڪندي آر او جو فيصلو برقرار رکيو. ٻئي طرف اپيليٽ ٽربيونل پنجاب جي اڳوڻي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس طارق نديم ياسمين راشد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري آر او جي فيصلي خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.اليڪشن ٽربيونل اين اي 130 تان ياسمين راشد جا ڪاغذ رد ڪرڻ واري ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو