اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پشتون تحفظ موومينٽ(پي ٽي ايم) اڳواڻ علي وزير جي دهشتگردي جي ڪيس ۾ ضمانت منظور ٿي وئي آهي.اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت علي وزير جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اي ٽي سي جج ابوالحسنات ذوالقرنين 50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض پي ڊي ايم اڳواڻ جي ضمانت منظور ڪري ورتي.اي ٽي سي عدالت جي جج فيصلي ۾ چيو آهي ته پوليس علي وزير کي گرفتار ڪرڻ جي حوالي سان ڪوبه جواز پيش نه ڪري سگهي آهي ان لاءِ ضمانت جي درخواست منظور ڪئي وڃي.وڪيل عطاءُالله ڪنڊي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 3 سالن تائين علي وزير کي گرفتار نه ڪرڻ جي ڪابه وضاحت جاچ آفيسر وٽ نه آهي. علي وزير کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو هو ان وقت ترنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ جاچ ۾ شامل ڇو نه ڪيو ويو.جنهن کان پوءِ اي ٽي سي عدالت 50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض علي وزير جي دهشتگردي واري ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.
