علي محمد جا ڪاغذ منظور، مريم نواز خلاف اپيل رد

لاهور /پشاور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي اپيليٽ ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 119 لاهور مان مريم نواز جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.ريٽرننگ آفيسر مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن.ان سلسلي ۾ اپيليٽ ٽربيونل نديم شيرواڻي جي اپيل تي فيصلو ٻڌايو.پي ٽي آءِ جي اين اي 119 تان اميدوار نديم شيرواڻي آر او جي فيصلي خلاف اپيلٽ ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي،،،اليڪشن ٽربيونل اڳوڻي مملڪتي وزير علي محمد خان جا نامزدگي ڪاغذ صحيح قرار ڏئي ڇڏيا.اليڪشن ٽربيونل ۾ اڳوڻي مملڪتي وزير علي محمد خان جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي.اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس وقار احمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.وڪيل چيو ته علي محمد خان تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت پارٽي ٽڪيٽ نه لڳائڻ تي اعتراض اٿاريا ويا هئا.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پارٽي ٽڪيٽ پهريان جمع ڪرائڻ لازمي ناهي، 12 جنوري تائين جمع ڪرائي سگهجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو