عدليه مخالف تقرير ،نواز شريف خلاف توهين عدالت ڪيس مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي عدليه مخالف تقريرن خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست 15 نومبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق 2018ع کان التوا واري توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.نواز شريف خلاف توهين عدالت جي درخواست هڪ شهري داخل ڪئي، جنهن ۾ 2018ع جي بيانن تي توهين عدالت جي ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو