عدليا جي نگراني ۾ چونڊون ڪرائڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف طرفان عدليا جي نگراني ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ڪيس جي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان ۽ جسٽس شڪيل احمد ڪئي، تحريڪ انصاف جي وڪيل معظم بٽ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ هن ايندڙ عام چونڊون عدليا ذريعي ڪرائڻ جي اپيل ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت عظميٰ فيصلو ڏنو آهي ۽ باقي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي، ان جي فيصلي کانپوءِ ڪيس ٻڌڻي لائق ناهي رهيو، اهي پنهنجو ڪيس سپريم ڪورٽ کڻي وڃن ها.اليڪشن ڪميشن وڪيل چيو ته رٽرننگ آفيسر (آر اوز) جتان به هجن، اليڪشن ڪميشن جي ڪنٽرول ۾ هوندا. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو