عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي لوڪل سيڪريٽري تي 10 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو

عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي لوڪل سيڪريٽري تي 10 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پيش نه ٿيڻ تي لوڪل سيڪريٽري تي 10 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضروري شين جي اگهن تي ضابطو آڻڻ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس عرفان سعادت چيو آهي ته جيڪڏهن مڪاني سيڪريٽري مستقبل ۾ پيش نه ٿيو ته وارنٽ به جاري ڪنداسين.عدالت پڇاڻو ڪيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ٻڌايون ته پرائسنگ عدالتن جي قيام تي ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو