لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي وڪيل طرفان استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت پرويز الاهي کي ڪنهن به صورت ۾ گرفتار نه ڪرڻ جي حڪم تي عملدرآمد ڪري.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز الاهي کي ڪنهن به صورت ۾ گرفتار نه ڪرڻ جي حڪم تي عملدرآمد نه ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته ان درخواست ۾ نيب کي به ڌر بڻايو ويو آهي، سنگل بينچ نيب ڪيس جي ٻڌڻي ڪيئن ڪري سگهي ٿي.پرويز الاهي جي وڪيل چيو ته نيب عدالت مان ايندڙ ڪيس جي ٻڌڻي 2 رڪني بينچ ڪندي.نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سنگل بينچ نيب ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي ڪري سگهي، جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته توهان به پنهنجو لکت ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو، ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندا. عدالت درخواست تي ٻڌڻي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
