عالمي اداري کي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پوليو جي پکيڙ تي ڳڻتي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي پوليو ايمرجنسي ڪميٽي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پوليو جي پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي پوليو ايمرجنسي ڪميٽي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پوليو پکڙجڻ جو خطرو اڃا به برقرار آهي ۽ پاڪستان ۾ ٻارن جو وڏو انگ اڃا تائين پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم آهي.صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته سياسي عدم استحڪام، امن امان جي صورتحال پوليو جي خاتمي ۾ رڪاوٽون آهن، پوليو جي ويڪسين جو بائيڪاٽ به وڏو مسئلو آهي، افغانستان ۾ پوليو پروگرام جي ناڪامي پاڪستان جي پوليو پروگرام کي خطرو ٿي سگهي ٿو.ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن موجب پوليو وائرس پاڪستان کان ملاوي ۽ موزمبيق تائين به پوليو جي عالمي پکيڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.ايمرجنسي ڪميٽي چيو ته پرڏيهه سفر ڪندڙ پاڪستاني ۽ افغان شهرين کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي، مالوي ۽ موزمبيق کان پرڏيهه وڃڻ وارن کي به پوليو جا ڦڙا پيارڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو