عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو،واڌ جو فيصلو وزيراعظم حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن تائين واڌ جو امڪان آهي.پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان آهي پر اوگرا جي پيٽروليم شين جي قيمتن بابت سمري اڃا تائين ناهي آئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمت ڪيتري ٿي سگهي ٿي، ان بابت سمري کان اڳ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، پر گذريل 2 هفتن کان عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو