اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت ايس اي سي پي جي اڳوڻي چيئرمين ظفر حجازي کي ريڪارڊ ٽيمپرنگ ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو،اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند ظفر حجازي جي ڪيس مان آجو قرار ڏيڻ واري درخواست منظور ڪئي،ايف آءِ اي چوڌري شگر ملز جي ريڪارڊ ۾ ڦيرڦار جي الزام هيٺ جولاءِ 2017 ۾ ظفر حجازي خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو،ظفر حجازي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس ايس اي سي پي چيئرمين طور مقرري 17 ڊسمبر 2014 تي ٿي هئي، مٿس لڳايل الزام سندس مقرري کان اڳ جا آهن
