طالبان واعدا پورا نه ڪيا: آمريڪي پرڏيهي وزير

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن چيو آهي ته افغان طالبان واعدا ڪيا پر وفا نه ڪيا، طالبان کي سندن واعدن جو احتساب ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکيو پيو وڃي.آمريڪي پرڏيهي وزير افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي قيام جا ٻه سال پورا ٿيڻ تي بيان جاري ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جيستائين عورتن کي تحفظ نه ڏنو ويندو، طالبان سان لاڳاپا معمول تي نه ايندا.آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته ٻن سالن ۾ لڳ ڀڳ 34 هزار افغان شهرين کي خاص مهاجر ويزا جاري ڪيا ويا آهن.انتوني بلنڪن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته آگسٽ 2021 کان وٺي افغان عوام جي مدد لاءِ 1.9 بلين ڊالر عطيا ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو