صورتحال بهتر ٿيڻ تي فلسطينين جي واپسي ٿيندي، بلنڪن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اسرائيل ۾ آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ اينٿوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ روزانو شهرين جي موت جي شرح تمام گهڻي آهي، جڏهن صورتحال بهتر ٿيندي ته فلسطينين کي واپس وڃڻو پوندو.پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته خطي ۾ تڪرار کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ اسرائيلي اختيارين سان جامع ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪا ۽ اسرائيل خطي جي سلامتي لاءِ سفارتي چينلز تي يقين رکن ٿا.هن وڌيڪ چيو ته غزه کان ٻاهر فلسطيني آبادي جي ڪنهن به تجويز جي مخالفت ڪندي، اصلاح جي ذميواري فلسطيني اٿارٽي جي آهي.آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته اسان هن جنگ کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، 7 آڪٽوبر جهڙو حملو ٻيهر نه ڪرڻ جو اسرائيلي مقصد حاصل ڪرڻ ضروري آهي.هن اهو به چيو ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڏکڻ آفريڪا جي اسرائيل مخالف درخواست امن جي ڪوششن کان ڀڄڻ آهي.انتوني بلنڪن چيو ته خطي جا ملڪ غزه ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن جڏهن ته فلسطيني رياست جو قيام واضح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو