صنم جاويد ۽ حماد اظهر جا ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو برقرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ صنم جاويد جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل خارج ڪئي وئي.اپيليٽ ٽربيونل جي جج جسٽس طارق نديم صنم جاويد جي اپيل تي فيصلو ٻڌايو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي اپيليٽ ٽربيونل اين اي 119، 120 ۽ پي پي 150 تان صنم جاويد جا ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.اپيليٽ ٽربيونل نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي برقرار رکيو.پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو اپيليٽ ٽربيونل برقرار رکيو.قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 129 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي.اپيليٽ ٽربيونل جي جسٽس طارق نديم حماد اظهر جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ عدالت رٽرننگ آفيسر جو فيصلو برقرار رکيو.

پهنجو تبصرو موڪليو